ڪراچي – 11 جولاءِ (اي پي پي) ملير ۾ زمينن تي قب??ن جون هلندڙ خبرن تي پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ سنڌاسمبلي ۾ پارليماني ليڊر حليم عادل شيخ پنهنجي وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته 2018ع ۾ سنڌ حڪومت خلاف ڪمند معاملي تي احتجاج ڪرڻ بعد پيپلزپارٽي منهنجو آواز بند ڪرائڻ لاءِ مختلف قسم جا طريقا استعمال ڪري رهي آهي گذريل ٻن سالن کان پيپلزپارٽي وارا منهنجي ۽ منهنجي عزيزن خلاف مختلف ??رخواستون ڪري رهيا آهن جيڪي ڪوڙيون ثابت ٿيون آهن. 2019ع ۾ زمينن تي قب??ي با??ت ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن تي ا?? سي سي ڪميٽي، جنهن جي اڳواڻي چيف سيڪريٽري ڪندو آهي سمورا وڏا آفيسر ڪميٽي ۾ شامل هوندا آهن ڪيس کي رد ڪري روينيو ۾ موڪليو هو جتان به اهو ڪيس رد ٿي چڪو آهي.