اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده انصاف جي نظام ۾ موجود جهول کي ختم ڪرڻ ۽ ع??ام جي آسان، سستي ۽ فوري انصاف تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور جو بنيادي نقطو آهي، قانون وا??ي وزير، پارلياماني معاملن وا??ي صلاحڪار ۽ اٽارني جنرل تي مشتمل جوڙيل ڪميٽي ع??ام جي اميدن موجب قانوني سڌارن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ روڊ ميپ جوڙيندي جنهن جي روشني ۾ ايندڙ هفتي وڌيڪ فيصلا ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ع??ام کي انصاف جي آسان ۽ فوري فراهمي جي لاءِ ڪيل قانوني سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ قانون وا??ي وزير بئريسٽر فروغ نسيم، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، وزيراعظم جي پارلياماني معاملن وا??ي صلاحڪار ڊاڪٽر ظهير الدين بابر اعواڻ، اٽارني جنرل خالد ??اويد خان، قانون وا??ي پارلياماني سيڪريٽري ملائيڪا علي بخاري ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.