اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ا??لاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??يو آهي ته جيستائين ڀارت ڪشميرين کي انهن جو بنيادي خودمختياري جو حق نه ٿو ڏي ان سان ڪرڪيٽ مقابلا ڪشميرين جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر هوندا، راندين جو فر??غ صحتمند معاشري جي لاءِ ضروري آهي، ملڪ ۾ انترنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي سٺو سنئوڻ آهي، ملڪ جي ٻين شهرن ?? به ڪرڪيٽ بحال ڪنداسين، وزيراعظم ڪرڪيٽ ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي آهي، رانديون قومن ۾ اتحاد پيدا ڪن ٿيون ۽ دنيا آڏو معاشري جي مثبت ساک پيش ڪن ٿيون، پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ بحالي سان پاڪستان بابت دنيا آڏو غلط بيا??يو ڏيندڙن جا ارمان برباد ٿي ويا. راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٽي??ٽ مئچ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي خاص مددگار ??يو ته بنگلاديش جي ٽيم جو پاڪستان اچڻ خوش آئنده آهي.