اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڪنهن سان ذاتي دشمني ۽ وي??هه نه آهي، اسان جو مقصد ملڪ ۾ هڪ اهڙو نظام جوڙڻ آهي جنهن سان ح??وم?? ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ اهڙو رابطو بڻجي جو مخالف ڌر ح??وم?? جي پاليسين تي تنقيد ڪري پر قومي ۽ عوام جي مفادن جي حوالي سان قانونسازي ۾ ح??وم?? جو ساٿ ڏي، ملڪ ۽ عوام جي مفادن جي لاءِ ح??وم?? مخالف ڌر سان ڳالهين جي لاءِ تيار آهي پر احتساب جي معاملي تي ڪو ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، ڪو به معاشرو ۽ ملڪ احتساب کانسواءِ نه ٿو هلي سگهي، ح??وم?? مخالف ڌر پارٽين جي بدعنوان قائدين ۽ اڳواڻن سان نرمي ڪئي ته اهي سمجهڻ لڳا ته هي ڪمزور آهن، هاڻي ڪنهن کي به شڪ جو فائدو نه ڏينداسين. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ح??وم?? مخالف ڌر پارٽين جي جلسن ۽ جلوسن سان گهٻراهٽ جو شڪار نه آهي، هي ماڻهو پنهنجي تقريرن ۾ غلط بياني ڪن ٿا جنهن جو جواب ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن عوام کي اصل حقيقت معلوم هجي.