اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ چيو آهي ته مودي جو ا??تهاپسند ۽ تعصباڻو نظريو عمران خان جي امن جي سوچ کان شڪست کائي چڪو آهي، صدر ٽرمپ جو بيان پاڪستان کي دهشتگردي سان جوڙڻ جي ڪڌي ڀارتي ڪوشش تي ڪاري ضرب آهي، مودي اسلحي جا انبار ۽ بارود جا ڍير خريد ڪري به عمران خان جي ڪامياب سفارتڪاري جي سامهون بي وس ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڪشميرين تي ظلم عالمي ضمير جهنجهوڙي ڇڏيو آهي، ٽرمپ جو ا??و بيان ثبوت آهي ته ڪشمير هڪ مڃيل عالمي تڪرار آهي، خون ناحق تي پوري دني?? جو آو??ز بلند ڪرڻ خوش آئنده آهي.