اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر قوم کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ اها انهي ذم??واري ۽ نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪري جهڙو هن شروعاتي ڏينهن ۾ ڪيو، پاڪستاني قوم ??يت??ن ئي هفتن تائين بهترين ڊسپلين جو مظاهرو ڪيو پر عيد کان اڳ شاپنگ ۽ بعد ۾ عيد تي ڊسپلين نه ڏٺو ويو، جيڪي ماڻهو ايس او پيز تي عمل نه ڪري رهيا آهن اهي پنهنجي زندگين سان گڏوگڏ ٻين جي زندگين کي به خطري ۾ وجهي رهيا آهن، وبا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ طاقتور هٿيار حفاظتي تدبيرون آهن، اسان سڀني جي مجموعي ذم??واري آهي ۽ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ٻڌل ڳالهيون نه پکيڙين، بنا تصديق جي ڪا به ڳالهه اڳتي نه پهچائين، حڪومت جي اڄ به ڪورونا جي ڦهلاءُ ۾ گهٽٽائي اولين ترجيح آهي پر مهينن ۽ سالن جي لاءِ قومن کي بند نه ٿو ڪري سگهجي، صحت جو نظام وڌائي رهيا آهيون، طبي عملي کي ٽريننگ ڏني پئي وڃي، 27 مارچ کان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪم شروع ڪيو اڄ تائين هڪ ڏينهن به ناهي رُڪيو، دنيا ۾ ع??لمي ادارن به پاڪستان ۾ رليف ڪوششن کي ساراهيو، ڪوورنا وبا ۾ ڊاڪٽرن کانپو??ِ جيڪڏهن ڪنهن جو ڪم مشڪل آهي ته اهو پوليس جو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي اين سي او سي جي اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.