اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اٽي ۽ کنڊ بحران جي انڪوائري ڪ??دڙ ڪميشن کي ڌمڪين ۽ بلوچستان ۾ ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي سان اڻوڻندڙ رويي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي باور ڪرايو ته اٽي ۽ کنڊ بحران جي 25 اپريل جي فرانزڪ ??پو??ٽ ۾ سفارشن موجب ايڪشن ۽ نظام ۾ موجود خاميون ختم ڪيون وينديون، وزيراعظم پاڪستاني عوام کي يقين ڏياريو ته احساس پروگرام ۾ سياسي صوابديد نه آهي، هر اهو شخص جيڪو حقدار آهي ان کي انصاف ۽ ميرٽ جي بنياد تي حق پهچايو پيو وڃي، وفاقي ڪابينا ڪڇي ڪ??نال انڪوائري ايف آءِ اي کان واپس وٺي نيب جي حوالي ڪرڻ، ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي جي اجلاس جي فيصلن، يونيورسل سروس فنڊ ۾ وڌيڪ ضلعن کي شامل ڪرڻ، اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي نئي?? سر تنظيم سازي جي لاءِ ٽاسڪ فورس جي تجويزن، اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي عمارتن کي فلاحي ڪ??ن لاءِ استعمال ڪرڻ، احساس ايمرجنسي ڪ??ش پروگرام جي لاءِ ڪيش وصولي جون جايون 15 هزار ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته وزيراعظم خاص معاون شهزاد اڪبر کي کنڊ ۽ ڪڻڪ جي حوالي سان انڪوائري ??پو??ٽ کي ڪابينا آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.