اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي چئلينج کي مُنهن ڏين لاءِ سڄي د??يا کي گڏيل ڪوش??ون ڪرڻيون پونديون. پاڪستان جهڙا اُسرندڙ ملڪ جيڪي پهريان ئي قرض هيٺان دٻيل آهن، هن وقت درپيش عال??ي تناظر ۾ ان کي قرضن جي ادائگيءَ ۾ رليف فراهم ڪيو وڃي ته جيئن هو پن??نجي وسيلن کي ان عالمي وبا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اس??عمال ڪري سگهي.