اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اع??اڻ چيو آهي ته ميان محمد نواز شريف اسپتال منتقلي جي حوالي سا?? پنهنجي ڊاڪٽر جي ڳالهه به نه مڃي، هو اسپتال جي ٻاهر پارٽي ڪار??نن جي گڏي ٿيڻ، ٽائر ساڙڻ سميت ٻيا لوازمات پورا ٿيڻ کانپوءِ اسپتال منتقل ٿيو، اها ڳالهه سمجهه کان مٿي آهي ته ڊينگي ٽيسٽ نيگيٽو اچڻ جي باوجود به ايتريون پليٽ ليٽس ڪيئن هيـٺ ڪري پيون. وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اع??اڻ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سا?? گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گذريل رات 12 وڳي نواز شريف کي جڏهن اسپتال منتقل ڪئي پئي ويو ته ان جي مقابلي ۾ اها خبر هلي رهي آهي ته نواز شريف کي زهر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ان سا?? گڏ ئي اوچتو پارٽي جا ڪارڪن جهنڊن سا?? گ?? اسپتال ٻاهران پهچي وڃن ٿا ۽ ٽائرن کي باهه لڳائي احتجاج ڪن ٿا.