اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پ?? پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي لاس اينجلس ۾ مقرر پاڪستاني قونصل جن??ل عبدالجبار ميمڻ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عبدالجبار ميمڻ هڪ مڃيل سفارتڪار هو، پرڏيهي وزير مرحوم جي سفارتي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سندس و??رثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير مرحوم سين??ر سفارتڪار جي مغفرت ۽ گهروارن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.