اسلام آب??د -16 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه جون بلوچستان جي ٻ??ڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق ايئر چيف مارشل ظ??ير احمد بابر سڌو طرفان ٻ??ڏ متاثر علائقن ۾ هر ممڪن مدد پهچائڻ جي هدايتن جي روشني ۾ پاڪ فضائيه جون بلوچستان جي ٻ??ڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن. پاڪ فضائيه انهن سمورن ضرورتمند ڪٽنبن تائ??ن عام واهپي جون شيون پهچائي رهي آهي جن جا گهر ٻوڏ سبب تباهه ٿي ويا آهن. ترجمان مطابق پاڪ فضائيه طرفان 41 خيما ۽ 12000 ڪلوگرام بنيادي اهم واهپي واريون شيون ۽ ٻيون ضرورت جون شيون متاثر ڪٽنبن ۾ ورهايون آهن. پاڪ فضائيه جي پيراميڊڪل ٽيم 410 مريضن جو مفت طبي معائنو به ڪيو آهي.