اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي( پاڪستان ۽ سعودي عرب سيڙپڪاڙي، توانائي ۽ واپار جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سومر جي ڏينهن وزير??عظ?? شهباز شريف سعودي عرب جي نائب وزير??عظ?? ۽ دفاع واري وزير ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان آل سعود سان ٽيلي فون تي ڳالهه ڪئي. وزير??عظ?? خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدلالعزيز جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سعودي عرب جي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان وزير??عظ?? ۽ پاڪستاني قوم 75 آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪ ڏني. ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي ۽ پاڪستان سعودي عرب جي وچ ۾ سالن تي ٻڌل مضبوط ??ائ??ن لاڱاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزير??عظ?? شهباز شريف ۽ ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان وزير ??عظ?? کي اپريل 2022 جي دوري جي دوران ڪيل فيصلن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ سيڙپڪاڙي، توانائي ۽ واپار جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزير ??عظ?? ??ائ?? ملڪ سعودي عرب جي پاڪستان جي مشڪل وقت مدد جو ذڪر ڪندي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جو پاڪستان جي مع??شت جي استحڪام ۽ ترقي لاءِ تازي تعاون تي ٿورو ادا ڪيو. وزير??عظ?? سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان کي پاڪستان جي جلد دوري جي دعوت ڏني جيڪا ان قبول ڪري ورتي.