اسلام آ??اد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ جر??ني جي سفير ايلفرڊ گراناس ڪالهه آچر ڏينهن پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي ??ي مبارڪ??اد ڏيندي پنهنجي وڊيو پيغام پاڪستاني عوام کي ”جشن آزادي جون کوڙ ساريون مبارڪون“ چيو. هن چيو ته اڄ مون مختلف رستن جي ڪناري تي ڪيترائي خصوصي اسٽالز ڏٺا، مون رستي ڪناري بيهي پاڪستاني جهنڊو پنهنجي رهائشگاهه تي هڻڻ جي لاءِ خريد ڪيو. هن چيو ته آئون توهان سڀني سان گڏ توهان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جون خوشيون ملهائڻ ۾ شريڪ آهيان. جرمن سفير وڌيڪ چيو ته مون پاڪستان ۾ تازو ئي ذميواريون سنڀاليون آهن ۽ مون کي هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته آئون پاڪستاني عوام سان ملاقات جو سدائين خواهشمند رهيو آهيان ۽ پاڪستان ۽ جر??ني کي ويجهو دوست ۽ اتحادي بڻائڻ جي حوالي سان گڏيل مفادن جي فروغ لاءِ پرعزم آهيان.