مظفر آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو آهي، ته سڄي قوم جشن آزادي ملي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي، قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ سڄي دنيا جي سڀ کان وڏي نظرياتي اسلامي مملڪت پاڪستان وجود ۾ آيو. پاڪستان جو قيام ننڍي کنڊ ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن جي گڏيل قومي ??منگن ۽ آرزوئن جو مظهر آهي، 14 آگسٽ 1947ع هڪ تاريخ ساز ڏينهن هو، جڏهن علامه اقبال جي خواب جي تعبير ٿي. يوم آزادي پاڪستان جي موقعي تي پن??نج?? خاص پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان جو قيام ٻه قومي نظرئي جو نتيجو آهي ۽ ان نظرئي جي بنياد تي جڏهن پهريون ڀيرو علامه اقبال ننڍي کنڊ کي تقسيم ڪري مسلمانن لاءِ ڌار مملڪت جي قيام جو تصور ??يش ڪيو هو ته ان جي وضاحت ڪندي هن مسلمانن جي قومي ??ڃاڻپ ۽ اسلام جي تهذيبي ۽ ثقافتي قدرن ۽ روايتن تي خاص زور ڀريو هو ۽ چيو ته قائداعظم ٻه قومي نظرئي جي بنياد تي مسلم ليگ کي منظم ڪري ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ جهنڊي هيٺ گڏ ڪيو، انهن کي پن??نج?? مقصد جي صداقت ۽ مسلمان عوام جي اجتماعي فهم ۽ فراست تي غير متزلزل يقين ۽ اعتماد هو. صدر چيو ته ڀ??رت طرفان ان جي آئين ۾ تازي ترميمن مان اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته ڀ??رت والاريل ڪشمير جي عوام کي طاقت جي زور تي دٻائڻ چاهي ??و. هن وقت والاريل ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ آهي ۽ بنيادي انساني حقن تي پابندين جي شديد مذمت ڪيون ٿا.