ڊيره غازي خان – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چي?? آه?? ته ٻوڏ ۽ برساتن جي متاثرين جي نقصانن جي ازالي لاءِ گڏيل سروي جي ضرورت آه?? ته جيئن حقدار کي ان جو حق ملي سگهي، ٻوڏ متاثرين کي ملندڙ امداد انهن متاثرين تي خرچ ٿيڻ گهرجي، چي?? سيڪريٽري متاثرين جون جائز ضرورتون پوريون ڪري، وفاقي حڪومت متاثرين جي مدد لاءِ هر وقت موجود آهي. وزيراعظم ڊيره غازي خان، راجن پور ۽ لسٻيلا جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ڊيره غازي خان پهچڻ تي کيس ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن، ريليف ۽ بحالي جي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وزيراعظم چي?? ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيندڙ فوتگين تي معاوضي جي فوري ادائيگي ج??ري آهي، فصلن ۽ گهرن کي پهچندڙ نقصانن جي گڏيل سروي ڪنداسين. ان ڏس ۾ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي کي هدايتون ج??ري ڪيون ويون آهن. جڏهن ته فوج جي مدد لاءِ آرمي چي?? سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. اهي به انهن جي معاونت ڪندا. ان گڏيل سروي جو مقصد اهو آه?? ته حقدار کي ان جو حق ملي ۽ ڪو به حقدار ان کان محروم نه رهي. هن چي?? ته گڏيل سروي تمام فائديمند هوندي، ان جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اجلاس گهرائي انفراسٽرڪچر، روڊن، پلين، گهرن ۽ فصلن کي پهچندڙ نقصان جي ازالي لاءِ فيصلو ڪنداسين. هن چي?? ته عوام جو پئسو ڪنهن جي جاگير نه آهي، اهو پئسو انهن تي خرچ ٿيڻ گهرجي. هن چي?? ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ صوبائي حڪومتن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. وزيراعظم چي?? ته ڏکويل انسانيت جي خدمت جي جذبي تحت پسند، ناپسند کان مٿانهون ٿي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو. بريفنگ دوران وزيراعظم پنجاب جي چي?? سيڪريٽري کي هدايت ڪئ?? ته هو متاثرين ??ا جائز مطالبا حل ڪري. هن چي?? ته سروي کي سياسي پسند ۽ ناپسند کان بچائڻ لاءِ هر جڳهه تي گڏيل سروي جي هدايت ڪئي آهي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خصوصي معاون عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي جا ميمبر سردار رياض محمود خان مزاري، اسلم ڀوتاڻي ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز به وزيراعظم سان گڏ هئا. پنجاب اسيمبلي جو ميمبر اويس لغ??ري به وزيراعظم کي متاثر علائقن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي اتي ٻوڏ متاثرين جي ج??ري مدد تي تفصيلي طور تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب 104 فوتگيون ٿيون، فصل ۽ گهر تباهه ٿيا. وزيراعظم ڊيره غازي خان ۾ ٻوڏ متاثرين سان ملاقات به ڪئي.