اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪش??ير جي اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن پاڪستان پاران جمعي ڏينهن ڪش??ير استحصال ڏهاڙي جي طور تي ملهائڻ جي في??لي جي آجيان ڪئي آهي. ڪش??ير ميڊيا سروس موجب ويبينار جو اهتمام ڪش??ير جي حامي گروپن ڪيو هو ۽ ان کي ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ پاڪستان جي ناليوارين شخصيتن خطاب ڪيو. ان موقعي تي مقررين والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ آبادياتي تبديلي جي ڪڌي ڀارتي راند جي مذمت ڪئي ۽ تنبيهه ڪئي ته جيڪڏهن مودي جي آبادڪاري جي منصوبي کي نه روڪيو ويو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن کي نقصان پهچي سگهي ٿو. هنن چيو ته ڪش??ير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ آهي ته ڪش??يري فسطائي ڀارتي حڪومت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدم کي رد ڪن ٿا ۽ اهي آزادي جي جدوجهد کي سمورين مشڪلاتن جي باوجود منطقي انجا?? تائين پهچائيندا. هنن ڄمون ۽ ڪش??ير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي کي گڏيل قومن تي چماٽ قرار ڏنو جنهن ڄمون ۽ ڪش??ير کي تڪراري علائقو قرار ڏئي رکيو آهي ۽ ڪش??يرين جي خودمختياري جي حق جي حوالي سان ڪيتريون ئي قرردادون پاس ڪيون آهن. ويبينار کي خطاب ڪندڙن ۾ عبدلرشيد ترابي، ڊاڪٽر محمد نفيس ذڪريا، ن??م ثاقب، مختار اح??د بابا، ايڊووڪيٽ نبيلا ارشاد، راجا محمد سجاد خان ۽ بلال شڪي شامل هئا.