اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) قومي سلامتي بابت پارلياماني ??مي??ي علائقائي ۽ داخلي امن جي لاءِ افغان حڪومت جي معاونت ۽ سول ۽ فوجي عملدارن جي قيادت ۾ آئين جي دائري تحت ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهه ٻولهه جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان عمل جي نگراني جي لاءِ پارلياماني ??مي??ي جوڙڻ جي منظوري ??ئي ڇڏي جڏهن ته ان ڳالهه کي ورجايو ويو آهي ته آئين پ??ڪس??ان تحت طاقت جو استعمال رڳو رياست جو اختيار آهي، رياست پن??نج?? شهيدن جي قربانين ۽ متاثر خاندانن جي امين ۽ محافظ آهي. قومي سلامتي بابت پارلياماني ??مي??ي جو اهم اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرنامي موجب اجلاس ۾ قومي پارلياماني ۽ سياسي قيادت، سينيٽ چيئرمين، قومي سلامتي بابت پارلياماني ??مي??ي، دفاع بابت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ??مي??ين جي ميمبرن، وفاقي وزيرن، صوبائي وڏن وزيرن کانسواءِ گلگت بلتستان جي وڏي وزير، آزاد رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي. اجلاس کي قومي سلامتي جي معاملن ۽ ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ٿيندڙ تازي ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن ورجايو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف پ??ڪس??ان غيرمعمولي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن جن جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو آهي. اجلاس قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو جن جي ڪري ملڪ جي سمورن حصن ۾ رياستي عملداري يقيني بڻجي. اجلاس ورجايو ته آئين پ??ڪس??ان تحت طاقت جو استعمال رڳو رياست جو اختيار آهي. اجلاس اي پي ايس سانحي سميت دهشتگردي جو نشانو بڻجڻ ۽ ان جي خلاف ڪارروائي دوران شهيد ٿيندڙن جي قربانين جو اعتراف ڪندي واضح ڪيو ته رياست پ??ڪس??ان پن??نج?? شهيدن جي قربانين ۽ متاثر خاندانن جي امين ۽ محافظ هئي، آهي ۽ رهندي. اجلاس بهادر قبائلي عوام کي پڻ زبردست خراج تحسين پيش ڪندي اعتراف ڪيو ته انهن جي قربانين ۽ اهم حمايت سان شديد مشڪلاتن ۽ مصيبتن کانپوءِ امن ۽ استحڪام جي منزل حاصل ٿي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيڪيورٽي فورسز جون موثر ۽ عملي ڪارروايون ڪليئر، هولڊ، تعمير ۽ اختيارن جي سول انتظاميا کي منتقلي جي حڪمت عملي جو حصو آهن. اجلاس زور ??ئي چيو ته پ??ڪس??ان جي عوام جي خواهشن موجب رياست انهن علائقن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي خوشحالي جي لاءِ پڪي عزم تي قائم آهي. افغان حڪومت جي معاونت ۽ سول ۽ فوجي عملدارن جي قيادت ۾ پ??ڪس??ان حڪومت جي ??مي??ي ڪالعدم ٽي ٽي پي سان آئين پ??ڪس??ان جي دائري جي اندر رهندي ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي ته جيئن علائقائي ۽ داخلي امن کي استحڪام ملي سگهي. اجلاس قرار ڏنو ته حتمي نتيجن تي عملدرآمد آئين پ??ڪس??ان جي حدن جي اندر ضابطي جي ڪارروائي جي ت??مي?? ۽ پ??ڪس??ان حڪومت جي منظوري کانپوءِ ٿيندو. قومي سلامتي بابت پارلياماني ??مي??ي ڳالهه ٻولهه جي ان عمل کي اڳتي وڌائڻ جي باضابطا منظوري ??ئي ڇڏي جڏهن ته پارلياماني اوورسائيٽ ??مي??ي جوڙڻ جي پڻ منظوري ڏني جيڪا آئيني حدن ۾ ان عمل جي نگراني جي ذميوار هوندي. اجلاس نيشنل گرينڊري ڪنسيلي ايشن ڊائيلاگ جي اهميت جي تائيد ڪندي قرار ڏنو ته اڄ جي ويهڪ ان رخ ۾ پهريون قدم آهي.