اسلام آباد – 23 – جون (اي پي ??ي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ قيمتي معدنيات جي ڳولا ۽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي اس??عمال جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بجلي جي پيدا??ار ۽ ٻين صنعتن ۾ اس??عمال ٿيندڙ خام مال جو وڌ کان وڌ حصو مقامي سطح تي پيدا ڪري ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن ??يا??ن جو اظهار هن هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير مولانا عبدالواسع جي سربراهي ۾ آل پاڪستان مائنز اينڊ منرلز ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪالهه خميس ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪي سطح تي اعليٰ ڪوالٽي جي ڪوئلي، لوهه ۽ ٻئي قيمتي معدنيات جي ڳولا ۽ نيڪالي جي نظام کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ مختلف تجويزون بحث هيٺ آيون. وزيراعظم ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي اس??عمال جي هدايت ڪئي ته جيئن بجلي جي پيدا??ار ۽ ٻين صنعتن ۾ اس??عمال ٿيندڙ خام مال جو وڌ کان وڌ حصو مقامي سطح تي پيدا ڪري ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهجي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ ٿر ۽ لاکڙا ۾ موجود ڪوئلي سان گڏوگڏ ميانوالي ۽ چنيوٽ ۾ دريافت ٿيل لوهه جي ذخيرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ملڪ ۾ مائننگ سيڪٽر جي ترقي جي لاءِ عملي تجويزون جوڙي جلد کان جلد رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ان مقصد جي لاءِ ناڻي واري وزارت، توانائي واري وزارت، پيٽروليم واري وزارت، صنعت ۽ پيدا??ار واري وزارت، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن جي ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ان کانسواءِ وزيراعظم سمورين وفاقي وزارتن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ مائننگ سيڪٽر سميت سمورن شعبن جي لاءِ اعليٰ تعليم يافته ماهرن جي ڳولا لاءِ پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي سربراهي ۾ هڪ ذيلي ڪميٽي ٺاهڻ جو پڻ حڪم ڏ??و. ملاقات ۾ توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين عاصم احمد ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.