اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) افغانستان جي زلزلي سٽيلن جي ل??ءِ امدادي سامان سان ڀريل ٽرڪ اڄ رات خوست رواني ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراع??م شهباز شريف جي هدايت تي موڪليو ويندڙ امدادي سامان خوست ۾ افغان عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو. وزيراع??م شهباز شريف جي هدايت تي افغانستان جي زلزلي سٽيلن جي ل??ءِ امدادي سامان اربع ۽ خميس جي وچ واري رات روانو ڪيو پيو وڃي. افغانستان موڪليو ويندڙ سامان ۾ تنبو، ٿُلهيُون چاڌرُون، ڪمبل ۽ دوائون شامل آهن. امدادي سامان سان ڀريل ٽرڪن جو قافلو غلام خان ڪالي زنگ رستي کان خوست پهچندو، جتي اهو امدادي سامان افغان عملدارن جي حوالي ڪيو ويندو. پرڏيهي وزات، اين ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن امدادي سامان جي روانگي ۽ افغان عملدارن کي حوال??ي جي عمل ۾ حصيدار عمل ڪري رهيا آهن. وزيراع??م شهباز شريف افغانستان ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصانن تي پاڪستان پاران انساني همدر??ي جي جذبي تحت امدادي ساامان موڪلڻ جي هدايت ڪئي هئي.