اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم سينيٽر يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته عمران خان پنهنجي شڪست تسليم ڪري، آخري بال تائين وڙهڻ جي دعويٰ ڪندي وڪيٽون کڻي ڀڄي ويو آهي. سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته اڄ مخالف ڌر اڳواڻ گرفتارين جي ڳالهه ڪري ٿو، ڇا کيس مريم نواز، خورشيد شاهه ۽ حمزه شهباز کي جهڙي ط??ح گرفتار ڪيو ويو اهو ياد نه آهي. ملتان ۾ پي ڊي ايم اي جي جلسي ۾ جيڪي رڪاوٽون وڌيون ويون اهي سڀني کي ياد آهن، پي ٽي آءِ 120 ڏ??نه?? ڌرڻو هنيو پر ڪنهن رڪاوٽون نه وڌيون، پي ٽي آءِ ڊڪٽيٽ نٿي ڪ??ي سگهي ته چونڊُون ڪڏهن ڪرايون وڃن، هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ قانون ۽ آئين موجب منظور ٿي، جيڪي اتحادي ڇڏي ويا انهن کي غدار قرار ڏئي رهيو آهي، عمران خان پنهنجي شڪست تسليم ڪر?? وٺي، اڄ ڊيوڊلو کان به هو استعيفا گهري رهيو آهي، سڀاڻي جوبائيڊن کان به استعيفا گهري سگهي ٿو.