اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف سروسز چيفس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي انهن کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل ??حم?? امجد خان نيازي ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سنڌو کي پڻ ٽيليفون ڪئي ۽ کين عيد جي مبارڪباد ڏني.