اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا ??رويز اشرف چيو آهي ته پاڪستان علائقائي ت??قي، واپار، توانائي ۽ معيشت جي استحڪام لاءِ قطر سان ترجيح ??ني??دن تي حصيداري چاهي ٿو، تعليم جي شعبي ۾ 10 لک پاڪستاني ٻارن کي ت??ليمي سهولتون فراهم ڪرڻ تي قطري حڪومت جا ??ورائتا آهيون.
اسپيڪر سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن الفيصل الثاني پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر راجا ??رويز اشرف چيو ته پاڪستان ڀائر اسلامي ملڪ قطر سان پارلياماني رابطن ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آ??ي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان هڪ ٻئي جي ت??ربن مان فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا، قطر جي سفير چيو ته قطر پاڪستان سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، قطر پاڪستان سان سماجي ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آ??ي، قطر 10 لک ٻارن کي ت??ليمي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو، هن چيو ته قطري فرمز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا، پاڪستان ۾ اقتصادي ت??قي جي لاءِ قطر هر ممڪن تعاون جاري رکندو، قطر ۾ رهندڙ پرڏيهي پاڪستاني قطر جي ت??مير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردارا دا ڪري رهيا آهن