اسلام آباد – 15 – اپريل (??ي پي پي) سينيٽ ??يئرمين محمد صادق سنجراڻي مرحوم عبدالستار ايڌي جي گهرواريءَ بلقيس ايڌي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ پاران جاري بيا?? موجب سينيٽ ??يئرمين دعا ڪئي ته الله ??عاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي. سينيٽ ??يئرمين چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ مرحومه جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اطهار ڪريان ٿو، مرحومه بلقيس ايڌي جي سماجي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. ٻئي طرف سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي پڻ بلقيس بانو ايڌي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.