اسلام آباد – 23 – مارچ (اي ??ي پي) پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پر??يهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ٿائيلينڊ جي نائب وزيراع??م ۽ پر??يهي وزير ڊون پرامودونائي سان ملاقات دوران چئي. پر??يهي وزير چيو ته پاڪستان ٿائي لينڊ سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. پر??يهي وزير سياحت جي فروغ لاءِ ٿائيلينڊ جي وسيع تجربي مان فائدو کڻن جي ارادي جو اظهار ڪيو. گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌمت ورثي جو ذڪر ڪندي پر??يهي وزير ملڪ ۾ مذهبي سياحت جي فروغ لاءِ پاڪستان جي پاليسي جي مقصدن کان ٿائي لينڊ جي پر??يهي وزير کي آگاهه ڪيو. ٻنهي پر??يهي وزيرن وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط اقتصادي، واپاري، سياسي ۽ ثقافتي تعاون تي ٻڌل وسيع البنياد لاڳاپا قائم ڪرڻ جي عزم جو اطهار ڪيو. افغانستان جي حوالي سان پر??يهي وزير چيو ته پاڪستان افغانستان کي معاشي تباهي کان بچائڻ جي لاءِ عالمي کان انساني بنيادن تي افغان عوام جي معاونت جو گهرجائو آهي. ٿائي پر??يهي وزير افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. پر??يهي وزير چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل جو خواهشمند آهي. پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار لاڳاپن جو خواهشمند اهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي باقاعده رابطي جي اهميت کي تسليم ڪندي ٻنهي پر??يهي وزيرن ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.