اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جهلم ۾ بلدياتي چونڊون پهرين مرحلي ۾ ٿينديون، جهلم جي ع??ام بلدياتي چون??ن جي تياري ڪري وٺي، وزيراعظ?? عمران خان جهلم جي ع??ام کي للا کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي ۽ ڪينال جو تحفظ ڏنو، اسلام آباد کان کاريان موٽروي جو ٽينڊر جاري ٿي چڪو آهي، تمام جلد ان تي ڪم شروع ٿي ويندو، وزيراعظ?? عمران خان جو اهو جهلم جي ع??ام لاءِ ٽيون وڏو تحفو آهي، تحريڪ انصاف جهلم مان بلدياتي چونڊن ۾ ڪلين سويپ ڪري وزيراعظم جي انهن تحفن جو حق ادا ڪندي. اها ڳالهه هن جهلم پريس ڪلب جي عهديدارن سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد – کاريان موٽروي پراجيڪٽ سان جهلم اسلام آباد کان 50 منٽ جي سفر تي رهجي ويندو. هن چيو ته للا کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي ڪراچي، ڏکڻ پنجاب ?? وچ پنجاب کي ڪشمير تائين ڳنڍيندڙ ملڪ جو اهم رستو بڻجي ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٽيڪنالاجي ۾ جدت ۽ ڊيجيٽل دور جي ڏس ۾ جهلم پريس ڪلب ۾ ڊيجيٽل ليب ۽ ميڊيا هال جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم جي صحت ڪارڊ پروگرام تحت جهلم جي صحافين کي صحت ڪارڊ فراهم ڪيا ويا آهن جنهن سان اهي 10 لک رپين تائين پنهنجي علاج جي سهولت مان فائدو کڻي سگهندا. هن چيو ته وزيراعظم جي اپنا هائوسنگ اسڪيم تحت جهلم جي صحاف??ن جي لا??ِ آسان قرضن جي سهولت جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي.