اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان خودمختياري واري حق لاءِ ڪشميرين جي جدوجهد ۾ پنهنجي ??زم تي ثابت قدم آهي، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن کي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشم??ر ۾ ڀارت جي جنگي ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته قبضي هيٺ ڪشم??ر ۾ گڏيل قومن جي نگراني ۾ راءِ شماري جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو واعدو اڃان پورو ناهي ٿيو ڇو ته هندو توا مودي حڪومت نڪ جي پڪائي سان سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، انساني همدردي جي قانونن ۽ چوٿين جنيوا ڪن??ينشن سميت عالمي ڪن??يشنز جي خلاف ورزي ڪري رهي آهي ۽ غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت ۽ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري جنگي ڏوهن جي مرتڪب ٿي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري ، خاص طور تي گڏيل قومن کي والاريل ڄمون ۽ ڪشم??ر ۾ ڀارت جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ڇو ته ڪشميري ڀارتي قبضي، ظلم ۽ ڏاڍ کي رد ۽ مزاحمت جاري رکي آهي، پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي منصفاڻي جدوجهد لاءِ پنهنجي ??زم تي ثابت قدم آهي.