لاهور – 13 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار عملي طور تي ??وبي جي خدمت ??ري رهيو آهي، پنجاب حڪومت 540 ارب رپيا صوبي ۾ يونيورسٽين، صحت سميت ٻين وڏن پراجيڪٽ تي ??رچ ڪيا آهن، عوام کي صحت ڪارڊ، آبادگار ڪارڊ فراهم ڪيا پ??ا وڃن، مخالف ڌر کي حڪمت عملي ٺاهڻ جو پورو اختيار آهي، اڳ ۾ به ڪيترائي اتحاد ٺهندا رهيا آهن، مخالف ڌر پاڻ ته اڳ ۾ هڪ ٿي وڃي، مخالف ڌر سياسي بيروزگارن جو ميڙ ??هي. هو مقامي هوٽل ۾ اسڪول آف موٽيويشنل جي تقريب جي موقعي تي ??حافين سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته عوام کي سستي کنڊ جي فراهمي لاءِ قدم کن??ا ويا آهن، شگر ملز جي اسٽاڪ بابت قدمن تي ??ڪومت ??ي منع ناما درپيش آهن، پاڪستان ۾ جمهوري عمل هلندو رهڻ گهرجي، سندس چوڻ هو ته موجوده حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي. ان موقعي تي ??يم پي اي سعديه سهيل راڻا، اسڪول آف موٽيويشنل جي انتظاميا سميت پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو وڏو انگ پڻ موجود هو. مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر اين آر او جي لاءِ پهرين ڏينهن کان ڪوشش ڪري رهي ??هي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اتحادين جي خدشن کي ختم ڪنداسين، حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ اتحاد ڪرڻا پوندا آهن. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف تي ??نقيد ڪندي هن چيو ته 10 سالن تائين پنجاب ۾ ڪيٽ واڪ وڏو وزير رهيو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان سياسي اتحاد بابت ڪا ڳالهه غور هيٺ نه آهي، سندس چوڻ هو ته شهباز شريف تي 7 ارب رپين جي ٽي ٽيز ۽ 25 ارب رپين جي جعلي اڪائونٽ جو ڪيس ??هي. هن چيو ته احتساب جو عمل جاري آهي، نواز شريف جون ملڪيتون نيلام ٿي رهيون آهن. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي فرخ حبيب چيو ته اسان کي وڏا ڪم ڪرڻا آهن ۽ هن ئي پاڪستان ۾ ڪرڻا آهن، پنهنجي پنهنجي حصي جو اسان سڀني کي ڏيئو ٻارڻو ??هي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان اسان کي ويل لفٽ ڪرڻ سکيو، اسان کي احساس ڪمتري جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي. فرخ حبيب چيو ته پنهنجي پنهنجي مئچ ناهي کيڏڻي پر ڪرڪيٽ ٽيم وانگر هڪ بڻجي پاڪستان جي مئچ کيڏڻي آهي ۽ پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻو ??هي. هن چيو ته اسان وٽ بهترين پروفيشنل ۽ ٽيلينٽيد ماڻهو موجود آهن، اسان کي پنهنجي ويليو، ڪلچر ۽ پنهنجي زمين تي فخر ڪرڻ گهرجي ۽ درگذر ڪندي ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته زندگي جو هڪ مقصد هوندو آهي ۽ سڀ کان وڏو مقصد انسانيت جي ڀلائي جو مقصد هوندو آهي، اسان کي تنقيد براءِ تنقيد بدران اصلاحي تنقيد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته وڏو ماڻهو سدائين پنهنجي خواهشن جي خلاف وڙهندو آهي، اسڪول آف موٽيويشنل جو باني شهواز بلوچ هڪ هلندڙ گهمندڙ داستان آهي، پاڪستان کي اهڙن هونهار فرزندن جي ضرورت ??هي. شهواز بلوچ پنهنجي ڏاهپ سان ان مقام تي پهتو ??هي. اسڪول آف موٽيويشنل سندس تمام وڏو ادارو ??هي. هن چيو ته شهواز بلوچ پنهنجي ڪنهن ڪمزوري کي پنهنجي رستي ??ي رڪاوٽ نه سمجهيو. تقريب کي موٽيويشنل اسپيڪر قاسم علي شاهه، اسڪول آف موٽيويشنل جي سربراهه امتياز بلوچ ۽ شهنواز بلوچ سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو.