اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت سازگار ڪاروباري پاليسين جي ذريعي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، پاڪستان هڪ محفوظ ملڪ آهي جتي ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ ڪاروبارن کي تحفظ حاصل آهي، اڳوڻي دور ۾ ڊي انڊسٽرلائيز??شن ٿي رهي هئي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اقتدار ۾ ايندي ئي ملڪ ۾ ڊي انڊسٽرلائيز??شن روڪڻ جي لاءِ قدم کنيا، اسان جو يقين آهي ته صنعتون ترقي ڪنديون ته ملڪ اڳتي وڌندو، وزيراعظم عمران خان جي ويزن تحت حڪومت ملڪ ۾ صنعتي انقلاب جي لاءِ نمايان قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم قوم کي خطاب ۾ ڪورونا وائرس جي وبا کانپوءِ دنيا کي درپيش معاشي صورتحال جو تفصيل سان ذڪر ڪ??و. ??هڙن خيالن جو اظهار هن انٽر پرينيور آرگنائيز??شن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪ??و. ??طلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪي معاشي ترقي ۾ ڪاروباري ادارن جو اهم ڪردار آهي، ڪاروباري ادارا وڏي انگ ۾ نوڪريون مهيا ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي جي ڊي پي ۾ نمايان حصو وٺن ٿا، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ ۾ صنعتي سرگرمين جي فروغ تي ڀرپور ڌيان ڏنو، اهو ئي سبب آهي جو اڄ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري وڌي آهي، ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي منافعي ۾ پڻ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، صنعتي ۽ زرعي شعبي ۾ انقلابي قدمن جي ڪري ماڻهن جي آمدني ۾ 37 سيڪڙو اضافو ٿيو، 1100 ارب رپيا رورل اڪانومي کان زرعي شعبي ۾ منتقل ٿيا، اڄ اسان جو آبادگار خوشحال آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ صنعتي ۽ زرعي سرگرمين ۾ ا??افي جي ڪري گاڏين، موٽرسائيڪلن ۽ ٽريڪٽرن جي وڪري ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان پگهاردار طبقي کي درپيش مسئلن کان آگاهه آهيون، حڪومت ان ڏس ۾ قدم کني رهي اهي، منافعي بخش ڪمپنين کي به پنهنجي ورڪرز جي پگهارن ۾ ا??افو ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي انٽر پرينيور آرگنائيز??شن جي وفد حڪومت پاران صنعتن ۽ ڪاروبارن جي ترقي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. وفد ۾ عاق چوڌري (رائس ورلڊ)، طارق محمد (اوٽو پاڪستان پرائيويٽ لم????يڊ)، اشعر خان (ڪوم ٽيل، عمران غفور (ستاره پيروڪسائيڊ لم????يڊ)، جاويد مصدق (اربن سول)، خرم گلزار (ويليو اسٽاڪ اينڊ ڪموڊيٽيز پرائيويٽ لم????يڊ)، محسن خواجه (محمود گروپ)، شاهجهان ملڪ (گارڊ ايگريڪلچر ريسرچ اينڊ سروسز پرائيويٽ لم????يڊ)، عمر اشرف (سپر ايشيا موٽرز پرائيويٽ لم????يڊ)، تنوير احمد (ايفل انڊسٽريز لم????يڊ)، قاسم چوڌري (مرڪنٽائل انٽرپرائيزز (پرائيويٽ) لم????يڊ)، عمر ورڪ (حرا ملز لم????يڊ) شامل هئا.