اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ق??سم خ??ن سوري بلوچستان يونيورسٽي گيٽ آڏو ڌماڪي جي مذمت ڪندي ان ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جدا جدا مذمتي بيانن ۾ هنن متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ ڌماڪي ۾ زخمين کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هنن چيو ته ڌماڪي ۾ ملوث عنصر انسانيت جا دشمن آهن. شرپسند عنصر بلوچستان ص??بي جي امن کي سبوتاز ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي پنهنجي ڪڌي مقصدن ۾ ڪا??يابي حاصل نه ٿيندي. هنن الله تعاليٰ کان ڌماڪي ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي ۽ پونئيرن کي ان ناقابل تلافي نقصان کي ب??داشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا فرمائڻ جي دعا ڪئي.