اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته فري فائر پا??ست??ن ليگ ٽورنامينٽ سان اي اسپورٽس کي فروغ ملندو. نوجوان اي اسپورٽس ۾ عالمي سطح تي پا??ست??ن جو نالو روشن ڪندا. پا??ست??ني نوجوانن ۾ اي اسپورٽس ڪلچر کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن فري فائر پا??ست??ن ليگ جي فائنل مقابلن ۾ حصو وٺندڙ 12 ٽيمن جي اڳواڻن سان ڳالهائيندي ڪئي. فواد حسين چيو ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ??وم?? سطح تي اي اسپورٽس جو انعقاد خوش آئنده آهي، هن چيو ته فري فائر پا??ست??ن ۾ ٿيندڙ پهريون اي اسپورٽس ٽورنامينٽ آهي جيئن جيئن اسان اڳتي وڌنداسين ان جا ثمر اچڻ شروع ٿيندا، چوڌري فواد حسين چيو ته ڪورونا وبا دوران پا??ست??ني نوجوانن کي اي اسپورٽس جي ضرورت ۾ هڪ وڏو موقعو ميسر آيو آهي، پا??ست??ني ٻار به هاڻي اي اسپورٽس ۾ حصو وٺي وڏا انعام کٽي ??گهن ٿا. هن چيو ته گيرينا دنيا جي مشهور ڪمپني آهي جيڪا بيڪو جي تعاون سان پا??ست??ن ۾ فري فائر ??وم?? ٽورنامينٽ جو انعقاد ڪري رهي آهي، فري فائر گيم ۾ هڪ ڪروڙ روپين تائين جا انعام آهن، ??وم?? سطح جي مقابلن ۾ کٽيندڙ ٽيم عالمي سطح تي ٿيندڙ مقابلن ۾ حصو وٺي سگهندي. چوڌري فواد حسين چيو ته راندين ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندڙ ٻارن وٽ موقعا آهن ته هو ننڍي عمر ۾ وڏي رقم کٽي ??گهن ٿا، ملاقات ۾ ??وم?? سطح جي فائنل مقابلن ۾ شرڪت ڪندڙ 12 ٽيمن جي ٽيم ليڊرن سميت بيڪو جي ڏکڻ ا??شيا جي ريجنل هيڊ جان زانگ ۽ ٻيا نمائندا به موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين فري فائر گرينڊ فائنل ايونٽ ۾ حصو وٺندڙ سڀني ٽيمن جي جرسين تي صحيح ڪيون ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. فري فائر پا??ست??ن ليگ جو گرينڊ فائنل 10 آڪٽوبر تي پي سي هوٽل ڪراچي ۾ ٿيندو. گرينڊ فائنل ايونٽ فري فائر اي اسپورٽس پا??ست??ن جي ٽيوب چئنل ۽ فين پيج سميت پي ٽي وي تي سڌو سنئون نشر ڪيو ويندو.