اسلام آباد -19 سيپٽمبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي اليڪٽرانڪ ووٽر مشين (اي وي ايم) ذريعي ??ون??ون ڪرائڻ جو رستو ڏيکاريو ويو آهي. جمهوريت، پارليامينٽ جي وقار جي بحالي ۽ غيرتڪراري ??ون??ن لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻو پوندو. ماضي ۾ ??ون??ن دوران تڪرارن سبب ??ون??ون غير مستحڪم رهيو ۽ ڪيتري ئي عرصي تائين سياسي بحران رهيا. اليڪشن ڪميشن کي واضح ڪرڻو هوندو ته ان سلسلي ۾ سنجيده آهي ۽ هو ڪم ڪرڻ چاهي ٿي. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت وٽ وسيلا هئڻ سبب پنهنجا مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ اي وي ايم پڻ هڪ سنجيده ڪوشش آهي. وزيراعظم عمران خان جنهن ماضي ۾ ڪرڪيٽ جي بنياد ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. اهڙي طرح و??يراعظم ??ون??جڻ بعد اڃا تائين ڪو به تڪرار سامهون نه آيو ۽ هو چاهي ٿو ته ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ??ون??ون ڪرايون وڃن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ جي اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حوالي سان جن پوائنٽس جي فهرست ڏني اهو مضحکه خيز هو ۽ اليڪشن ڪميشن جي پنهنجي خلاف هڪ چارج شيٽ هئي. ڇاڪاڻ ته هن انهن ووٽنگ مشين جو جائزو ئي نه ورتو. فلپائين وانگر ڪيترن ئي ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال سان نه صرف تشدد جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي بلڪه صاف ۽ شفاف ??ون??ن جا نتيجا سامهون آيا آهن.