اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪينسر بابت آگاهي ۽ جلد سڃاڻپ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انهن قدمن سان مرض جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، پاڪستان ۾ ڪينسر جي مرض ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن کي روڪڻ ??اء?? وقت سر سڃاڻپ ۽ علاج جون مناسب سهولتون ضروري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مل?? ۾ ??ينسر جي ڪيسن خاص طور تي ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪينسر ڪ??ئر اسپتال اينڊ ريسرچ سينيٽر لاهور جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر شهريار، پروفيسر ڊاڪٽر اريشه زمان ۽ پروفيسر ڊاڪٽر نبيله شامي ب?? موجود هيون. پروفيسر ڊاڪٽر شهريار بريفنگ يندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هر سال 3 لک 53 هزار ماڻهو ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هوندا آهن جنهن مان صرف 71 هزار مريضن جي علاج ميسر آهي جڏهن ته ٻين کي علاج جون ناڪافي سهولتن جي ڪري ان کان محروم رهندا آهن، هن ڪينسر ڪ??سر اسپتال اينڊ ريسرچ لاهور جي ڪاميابين کي اجاگر ڪ??دي چيو ته ان جو ادارو مريضن جي ب??ا معاوضي علاج جون سهولتون فراهم ڪندو آهي، صدر ڪ??نسر ڪ??ئر اسپتال ۽ ريسرچ سينٽر لاهور پاران ڪينسر جي مريضن جي ب??ا معاوضي علاج جي سهولتن کي ساراهيو.