اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو آهي ته پ??ڪس??ان آسٽريليا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ آسٽريليا سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جي شعبن ۾ آسٽريليا سان تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي جيڪو پ??ڪس??ان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي وزارت جي عهدو ڇڏيندڙ ترجمان ۽ آسٽريليا ۾ پ??ڪس??ان جي نامزد هاءِ ڪمشنر زاهد حفيظ چوڌري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي صدر زور ڏنو ته پ??ڪس??ان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جا وسيع امڪان آهن. هن ??ڌيڪ چيو ته پ??ڪس??ان آسٽريليا سان مختلف شعبن ۾ خاص طور تي تعليم، زراعت، واپار، پاڻي جي انتظام، کاڻين ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ چاهي ٿو. هن آسٽريليا کان پ??ڪس??ان ۾ سيڙپ??ار?? کي متوجهه ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو، هن ??ڌيڪ چيو ته ملڪ ??ار??باري دوست پاليسيون اختيار ڪيون ۽ پنهنجو ڌيان جيوسياست کان جيو اڪنامڪس ڏانهن ??نتقل ڪري ڇڏيو. حڪومت پاران ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪس??انين جي مثبت ڪردار جي حوصلا افزائي جو حوالو ڏيندي صدر نامزد هاءِ ڪمشنر کي چيو ته هو آسٽريليا ۾ پ??ڪس??اني شهرين جي سهولت ۽ ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪري ۽ کين هر ممڪن تعاون ۽ خدمتون فراهم ڪري. آسٽريليا ۾ پ??ڪس??اني شاگردن جي قابل ذڪر تعداد کي نظر ۾ رکندي هن ??نهي ملڪن جي وچ ۾ تعليمي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. صدر زاهد حفيظ چوڌري کي آسٽريليا ۾ پ??ڪس??ان جي هاءِ ڪمشنر جي طور تي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان کي چيو ته هو پ??ڪس??ان آسٽريليا تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ متنوع بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن ??رڏيهي آفيس جي ترجمان جي طور تي پنهنجي فرضن کي بهترين طريقي سان انجام ڏيڻ تي زاهد حفيظ چوڌري جي واکاڻ ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو انهي جذبي سان آسٽريليا ۾ پ??ڪس??ان جي هاءِ ڪمشنر جا فرض سرانجام ڏيندو.