لاهور – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ اسان جي حڪومت جي ڪارڪردگي جي عڪاس هوندي، بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪيو ويندو، آم??ني ۾ اضافو ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي لاءِ قدم کنيا ويندا، اليڪشن سڌارن سميت ٻين اهم معاملن تي مخالف ڌر کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، حڪومتي چاهي ٿي ته اليڪشن ڪميشن تجرباتي بنيادن تي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو استعمال ڪري، قومي ادارن جي اندر ماضي جي حڪومتن سياسي ڀرتيون ڪيون، فيٽف ۾ پاڪستان کي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري و??ير چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي پاليسين جي ڪري ملڪ جن??ن گهيري ۾ ڦاٿل هو، الحمد الله اڄ ان کان ٻاهر اچي ويو آهي، بجيٽ جي بنيادي هدفن جو ذڪر ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چيو ته ايندڙ مالي سال جو بجيٽ اسان جي گذريل سالن جي ڪارڪردگي جو عڪاس هوندو، ان سان اسان جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي. ترقياتي بجيٽ ۾ اضافو، پگهاردار طبقي کي رليف، مهانگائي ۾ گهٽتائي جهڙن قدمن سميت آم??ني ۾ اضافي تي بنيادي ڌيان ڏنو پيو وڃي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب فنانس ٽيم بجيٽ تيار ڪري رهي آهي. هن چيو ته پوري دنيا هن وقت ڪورونا وائرس جي و??ا سا?? وڙهي رهي آهي، اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت جي معيشت هن وقت منفي 7.3 کان هيٺ آهي، ٻين ملڪن ۾ به معاشي حالتون ڪافي تبديل ٿيون آهن پر اسان وٽ صورتحال بلڪل مختلف آهي، اسان جي معاشي صورتحال مستحڪم ۽ بهتر آهي. هن چيو ته اسان مخالف ڌر سان چونڊ سڌارن تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون، وفاقي و??ير چيو ته مخالف ڌر وکريل آهي، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جون پاليسيون ڪليئر ٿي وينديون ته پوءِ معلوم ٿي??دو ته مولانا فضل الرحمان ڇا چاهي ٿو؟ انهن ٽنهي جو قبلو هڪ ٻئي کان مختلف آهي، کين هڪٻئي جي سمجهه نه اچي رهي آهي. هن چيو ته مخالف ڌر جو ملڪي سياست ۾ هڪ اهم ڪردار هو??دو آهي، اسان ان ڪردار کي تسليم ڪريون ٿا، اليڪشن سڌارن ۽ عدالتي سڌارن تي مخالف ڌر کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.