اسلا?? آباد – 17 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪير به قانون ۽ آئين کان مٿانهون نه آهي، ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاران رياست جي رٽ چئلينج ڪئي وئي ۽ تشدد جو رستو اختي??ر ڪيو ويو ته دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت ڪارروائي ڪئي وئي. پنهنجي ٽ??ئي?? ۾ هن چيو ته مون کي پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي واضح ڪرڻو آهي ته اسان جي حڪومت رڳو تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت ان وقت ڪارروائي ڪئي جڏهن انهن رياست جي عملداري کي چئلينج ڪيو ۽ تشدد جو رستو اختي??ر ڪندي عوام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملا ڪيا.