اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) سرڪاري ڪاروباري ادارن بابت ڪابينا جي ڪميٽي انهن ادارن جي فارينزڪ آڊٽ لاءِ نظرثاني ٿيل ٽرمز آف ر??فرنس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سرڪاري ڪاروباري ادارن بابت ڪابينا جي ڪميٽي جو اجلاس هتي ناڻي واري وفاقي وزير حماد اظهر جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري وارو وفاقي وزير محمد ميان سومرو، وزيراعظم جي واپار واري وفاقي وزير عبدا??رز??ق دائود، اداره ??اتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ روينيو بابت خاص مددگار وقار مسعود شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سرڪاري ڪاروباري ادارن جي فورينزڪ آڊٽ جي ٽرمز آف ر??فرنس جي منظوري ڏني وئي. ناڻي واري سيڪريٽري اي جي پي آفيس ۽ نجي آڊٽ فرمز لاءِ نظرثاني ٿيل ٽرمز آف ر??فرنس پيش ڪندي چيو ته ان سان معيار کي يقيني ??ڻا??يندي ۽ لاڳت ۾ گهٽتائي تي ڌيان ڏنو ويندو ته جيئن گيپ جي نشاندهي ٿي سگهي ۽ بهتر سفارشون جوڙي سگهن.