اسلام آباد -26 جنوري (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت هيٺ بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نجڪاري/ بحالي جي حوالي سان اهم اجلاس منعقد ٿيو. نجڪاري واري وزارت طرفان جاري تفصيلن مطابق اجلاس ۾ وزيراعظم جي توانائي بابت مشير تابش گوهر، چيئرمين نيپرا، سي??ريٽري پاور ، سي??ريٽري نجڪاري ۽ وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. واضح رهي ته ويجهڙائي ۾ ڪابينه جي نجڪاري ڪميٽي ۽ ڪابينه جي توانائي بابت ڪميٽي ڊسڪ??ز ??ي حوالي سان لاڳاپيل وزارتن جي نجڪاري لاءِ سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي هئي.