اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪ??تا?? ريلويز سياحت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ??ري سگهي ٿي، ٽوئرسٽ سفاري ٽ??ين ان ڏس ۾ اهم قدم آهي. اهڙن خيالن جو اطهار هن ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم خان سواتي سان گڏ گولڙه ريلوي اسٽيشن تي سفاري ٽ??ين جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي ڪيو. ٽوئرسٽ سفاري ٽ??ين هر جمعي، ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن سياحن کي گولڙه اسٽين کان حسن ابدال، اٽڪ خورد ۽ اٽڪ سٽي ۽ ڀرپاسي جي جاين جي سير ڪرائيندي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ٽوئرسٽ سفاري ٽ??ين حڪومت پاران مقامي سياحت جي فروغ لاءِ اهم قدم آهي، سفاري ٽ??ين جو تصور سٺو آهي. تفريح ۽ سياحت جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. ريلوي واري وزير سينيٽر اعظم سواتي چيو ته تاريخي گولڙه ريلوي اسٽيشن تان ٽرين قديم روٽ تي ه??ند?? جنهن سان پاڪ??تا?? جو ثقافتي ۽ تاريخي ورثو ڏسڻ لاءِ م??ند??. هن چيو ته پاڪ??تا?? ريلوي هڪ قيمتي اثاثو آهي، سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ان ٽرين کي آندو ويندو. هن چيو ته ريلوي واري وفاقي وزير محمد اعظم خان سواتي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. سفاري ٽ??ين جي ??ري تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد م??ند??، سياحت جي فروغ ۾ پاڪ??تا?? ريلوي اهم ڪردار ادا ??ري سگهي ٿي. اميد آهي ته مستقبل ۾ به اهڙا قدم کنيا ويندا جنهن سان نه رڳو اداري کي منافعو ڏيندڙ بڻايو ويندو پر پاڪ??تا?? جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ مدد م??ند??. سينيٽر تاج محمد آفريدي، سينيٽر سجاد حسين طوري، مرزا محمد آفريدي، اورنگزيب اورڪزئي، نصيب الله بازئي، دلاور خان ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي ماڻهن کانسواءِ عوام جو وڏو انگ گولڙه ريلوي اسٽيشن تي موجود هو. سينيٽ چيئرمين، وفد جي ميمبرن ۽ ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم خان سواتي ميوزيم جو دورو پڻ ڪيو.