اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سرڪاري ملازمن کي پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻ بابت پاڻ سان منسوب جملن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي، سرڪاري ملازمن جي جائز مطالبن کي ٻڌڻ ۽ ان تي اڳڀرائي جي لاءِ تيار آهيون. وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گذريل ڏينهن اطلاعات واري وزارت آمد جي موقعي تي مظا??ري?? سان ڳالهين واري وڊيو فوٽيج به شيئر ڪئي جنهن ۾ واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو ته سينيٽر شبلي فراز گاڏي مان لهڻ کانپوءِ تحمل سان مظا??ري?? جي ڳالهه ٻڌي ۽ ان جي جواب ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان روزاني جي بنياد تي مهانگائي گهٽ ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو آهي ۽ وف??قي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ ۾ به ٻڌايو هو ته وف??قي ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش آهي، وزيراعظم عمران خان خودڪفالت شعاري مهم جو آغاز ڪيو ۽ وزيراعظم آفيس ۽ هائوس جا خرچا ??هٽ ڪيا پر سرڪاري ملازمن جي مسئلن ۽ مشڪلاتن جو حل اسان جي ترجيح آهي.