اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته عوام جي ترقي ۽ خوشحالي موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اخوت فائونڊيشن پاران بنا وياج قرضن جي فراهمي هڪ خوش آئ??ده قدم آهي، بنا وياج قرضن سان عوام کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ جو موقعو ملندو. اسپيڪر سيڪريٽريٽ پاران جاري پڌرائي موجب گوجر ??ان ۾ اخوت فائونڊيشن پاران بنا وياج قرضن جي فراهمي جي لاءِ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته اخوت فائونڊيشن جي سربراهه ڊاڪٽر امجد ثاقب جي اڻٿڪ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، ڊاڪٽر امجد ثاقب جي عوامي خدمتن جي اڻٿڪ جذبي کي سنهري لف??ن ۾ لکيو ويندو. راجا پرويز اشرف چيو ته اخوت فائونڊيشن جي عوامي خدمتن جي ڪارنامي کي پوري دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي، انسانيت جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪ??دڙ ماڻهو ئي ملڪ ۽ قوم جا حقيقي هيرو آهن، وچولي ۽ پيڙهيل طبقي جي زندگين ۾ تبديلي آڻڻ هڪ عظيم ڪارنامو آهي، مستقل مزاجي ۽ مضبوط ارادي سان عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪ??دڙ ماڻهن تي قوم کي فخر آهي. راجا پرويز اشرف چيو ته مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر الله تعاليٰ گوجر ??ان جي عوام جي خدمت جو موقعو فراهم ڪ??و آهي، گوجر ??ان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي، گوجر ??ان ۾ هن وقت ترقياتي منصوبا جاري ٿي چڪا آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عوام جي ترقي ۽ خوشحالي موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اخوت فائونڊيشن پاران بنا وياج قرضن جي فراهمي هڪ خوش آئ??ده قدم آهي، بنا وياج قرضن سان عوام کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ جو موقعو ملندو.