اسلام آباد – 23 آگسٽ (??ي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان سميت ڪنهن ٻئي م??ڪ جي خل??ف استعمال نه ٿيڻ گهرجي، افغانستان ۾ امن تمام اهم آهي ۽ اهو افغانستان جي عوام ۽ پاڙيسري م??ڪن جي م??اد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ”دختر پاڪستان بيانيو“ جي پذيرائي تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پرامن افغانستان جو افغانستان کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ ف????دو پاڪستان کي ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان چين ۽ آمريڪا سميت دنيا وانگر اها خاطري چاهي ٿو ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن ٻئي م??ڪ جي خل??ف استعمال نه ٿيندي، افغانستان ۾ 40 سالن کانپوءِ امن تمام اهم آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ امن سان نئين سر تعمير ۽ ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ پاڪستان ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.