اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اس??يڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڪشميري ۽ فلسطيني عو??م گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان قربانيون ڏئي رهيا آهن، اسان کي به امن قائم ڪرڻ جي لاءِ جانين جي قرباني ڏيڻي پئي ته نه ڪيٻائينداسين، عالمي برادري ڪشمير ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڇو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ڪرڻ ضروري آهي، ڪشمير جي مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ کي ان جو مرڪز بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن امن جي عالمي ڏه??ڙي جي موقعي تي ڪشمير ڪميٽي جي اهتمام هيٺ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.