اسلام آباد – 14 آگ??ٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي آزادي جي 73 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته قائداعظم جي پاڪستان جي طرف اسان جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، هي اهڙو پاڪستان هو??دو جتي سمورا شهري قانون جي نظر ۾ برابر هو??دا، قانوني سڀني جي لاءِ هو??دو ۽ پاڪستان هڪ اسلامي فلاحي رياست بڻجندو. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته قوم کي ان ڳالهه تي به مبارڪباد ڏيان ٿو ته ماضي جي حڪومتن کان توانائي جو شعبو جيڪو اسان کي تباهه ٿي?? مليو ان ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون، هن ٻڌايو ته ڊگهين ڳالهين کانپوءِ اسان آءِ پي پيز سان هڪ نئون معاهدو ڪيو آهي جنهن سان بجلي جي قيمت به گهٽ ٿي??دي ۽ گردشي قرضن جو مسئلو به حل ٿي??دو، هن چيو ته اسان جو ايندڙ هدف بجلي جي ورڇ جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ آهي، وزيراعظم ڪشمير ۾ ڀينرن، ڀائرن جي نالي پيغام ۾ چيو ته پوري پاڪستاني قوم خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهي، ڀارت جي غير قانوني قبضي ۽ ظالماڻي قدمن جي خ??اف اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي هر طرح سان حمايت جاري رکنداسين.