راولپنڊي – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪامياب جوان پروگرام وسيلي هيستائين 38 هزار نوجوانن کي اسڪلز اسڪالرشپ ڏنيون ويون آهن، جنهن ۾ 10 هزار عورتون شامل آهن، وزيراعظم عمران خ??ن پاڪستان جي ڌيئرن جي صلاحيتن کي نظر ۾ رکندي ڪامياب جوان پروگرام ۾ عورتن کي شامل ڪيو آهي، ان کان اڳ عورتن کي بهترين موقعا نه ڏنا ويا هئا، گذريل حڪومتن رستن، نالن ۽ پلين تي سيڙپڪاري ڪئي پر وزيارعظم عمران خ??ن جي حڪومت نوجوانن تي سيڙپڪاري ڪري رهي آ??ي جيڪا ملڪي ترقي جو سبب بڻجندي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن فاطمه جناح ويمن يونيورسٽي راولپنڊي ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.