سيالڪوٽ – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چي?? آهي ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ ??ي خريداري ۾ ڪوتاهي ڪئي آهي، وزيراعظم سنڌ کي 4 لک ٽن ڪڻڪ جي فراهمي جي هداي?? ڪئي آهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت هيستائين رڳو هڪ ٽن ڪڻڪ کنئي آهي ۽ سنڌ حڪومت ڪڻڪ کي اٽي ملز تائين فراهمي ۾ ناڪام رهي آهي، سنڌ حڪومت کي صوبي ۾ ڪڻڪ جي سپلاءِ جي عمل کي تيز ڪرڻ گهرجي. سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خاص مددگار چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي.