اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چونڊن ۾ سياسي فائدن جي لاءِ ميٽرو بس جهڙا منصوبا شروع ڪيا وڃن ٿا، ڪرپشن جي ڪري ملڪ ترقي جي راهه تان هٽي ويو آهي، ريڪوڊڪ جي ٻن خانن جو منافعو 100 ارب رپيا بڻجي ٿو، جڏهن حڪومت سنڀالي ته سڀ کان وڏو مسئلو ڪرنٽ اڪائون?? خساري جو هو جيڪو 19 ارب ڊالر هو پر هاڻي ڪرنٽ اڪائون?? خسارو ختم ٿي ويو آهي، حڪومتي قدمن جي ڪري پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي، پاليسين ۾ تسلسل سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيندو، پاڪستان ۾ خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي جي صلا??يت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن روانگي واپار ڪندڙن ۾ سيلز ٽيڪس ۽ انڪم ٽيڪس جي ريفنڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.