گلگت بلتستان – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسلام آباد ۾ سياسي بيروزگار گڏ ٿيا آ??ن، اهي جيترا ڏينهن چاهين احتجاج ڪن، کاڌو ختم ٿيڻ تي کين فراهم ڪيو ??يندو، حڪومت ته ننڍڙي شيءَ آهي آئون هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر انهن کي نه ڇڏيندس، جيستائين ڪرپشن ڪندڙ جيل ۾ نه ويندا ۽ عوام آڏو مثال نه بڻجندا تيستائين ڪرپشن جو خاتمو نه ٿيندو، غربت جو سڀ کان وڏو سب?? ڪرپشن آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي ڪارڪنن کي پتو ئي نه آهي ته اهي ان احتجاج ۾ ڇو شريڪ آهن، آئون الله سان واعدو ڪري آيو آهيان ته انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس. گلگت بلتستان ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جڏهن ملڪ ۾ ڪرپشن ٿيندي آهي ته ادارا تباهه ٿي ويندا آ??ن ۽ ملڪ جي تباهي جي ذميدار ڪرپشن هوندي آهي.