اسلام آباد -06 آگسٽ (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاق?? وزير سينيٽر ??عظم نذير تارڙ چي?? آهي، ته ايندڙ مهيني (سيپٽمبر) جي آخر تائين پاسپورٽ جي پرنٽنگ جي صلاحيت وڌائي روزانو 55 کان 60 هزار ٿي ويندي، جنهن کان پوءِ پاسپورٽ جاري ڪرڻ ۾ دير جو مسئلو حل ٿي ويندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ آغا سيد رفيع الله ۽ سحر ڪامران جي پاسپورٽ جاري ڪرڻ ۾ دير بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ??يندي سينيٽر ??عظم نذير تارڙ چي?? ته 2004ع ۾ ان وقت جي ضرورتن مطابق مشينري ۽ سافٽ ويئر لڳايا ويا هئا، پر هاڻي پاسپورٽ جي گهرج وڌي روزانو 45 هزار ٿي چڪي آهي، ان کان علاوه مشينن جو تعداد به 20 کان وڌي 92 ٿي ويو آهي ۽ پاسپورٽ جون آفيسون به وڌي ويون آهن، انهن ضرورتن کي نظر ۾ رکندي نئين مشينري ۽ جديد پرنٽرز امپورٽ ڪرڻ لاءِ ٽينڊرز جاري ڪيا ويا آهن، ايندڙ مهيني سيپٽمبر جي آخر تائين هي سسٽم ڪم شروع ڪري ڇڏيندو. جنهن کان پوءِ روزانو 26 هزار بدران 55 کان 60 هزار پاسپورٽ تيار ٿيڻ شروع ٿي ويندا. ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي آغا سيد رفيع الله ۽ سحر ڪامران طرفان اٿاريل سوالن جا جواب ??يندي پارلياماني معاملن وار?? وزير سينيٽر ??عظم نذير تارڙ چي?? ته حڪومت ان معاملي تي فوري ايڪشن ورتو آهي، جيڪڏهن ڪا ڪارروائي نه ڪئي وڃي ها ته پوءِ ڌيان ڇڪايو نوٽيس کي ڪميٽي حوالي ڪرڻ تي ڪو اعتراض نه هجي ها. هن چي?? ته سيپٽمبر جي آخر تائين اهي اوزار لڳائڻ شروع ٿي ويندا جنهن کان پوءِ پاسپورٽ جي پرنٽنگ جو تعداد به وڌي ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته مس ۽ ليمينيٽڊ پيپر جا مسئلا هئا، جن کي حل ڪ??و پيو وڃي ۽ ايندڙ ٻن مهينن ۾ صورتحال بهتر ٿي ويندي.