اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي انضمام ٿيل ضلعن جي لاءِ ٺوس ترقياتي پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر شاهه گل آفريدي جي قيادت ?? انضمام ٿيل ضلعن جي سياسي اڳواڻن جي 7 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪئي. ملاقات ۾ پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزي??اع??م جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وفد مسلم ليگ (ن) جي انضمام ٿيل ضلعن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ فاٽا جي خيبرپختونخواهه ?? انضمام جي حڪمت عملي پيش ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو جنهن کانپوءِ فاٽا جو قانونسازي جي ذريعي انضمام ممڪن ٿي سگهيو. وفد وزي??اع??م کي ٻڌايو ته گذريل حڪومت جي چار سالن ?? انضمام ٿيل ضلعن جي ترقي کي نظرانداز ڪيو ويو جنهن جي ڪري جيڪا منصوبابندي مسلم ليگ (ن) جي قيادت انهن ضلعن جي حوالي سان ٺاهي هئي ان تي عملدرآمد نه ڪيو ويو. وزي??اع??م شرڪت ڪندڙن کي يقين ڏياريو ته موجوده حڪومت ۽ خاص طور تي وزي??اع??م پاڻ انضمام ٿيل ضلعن جي ترقي ۽ خوشحالي کي قومي ترجيح جو درجو ڏي ٿو. وفد وزي??اع??م کي لاڳاپيل تڪن جي مسئلن کان آگاهه ڪندي پشاور ۾ پاڻي جي شديد مسئلي بابت آگاهه ڪيو. وفد پاڙيسري ملڪ افغانستان سان واڳيل سرحدي علائقن ۾ واپار جي فروغ لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وزي??اع??م ان حوالي سان اهڙن قدمن جي خاطري ڪرائي جنهن سان سرحد جي ٻنهي طرفن جي علائقن جي ماڻهن جي زندگي ۾ گڏيل واپار سان بهتري ايندي. وزي??اع??م شرڪت ڪندڙن کي ان حوالي سان ٺوس حڪمت عملي تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائي. وزي??اع??م لاڳاپيل عملدارن کي ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ خصوصي ترقياتي پئڪيج جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.