اسلام آباد – پهرين ??سمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اعليٰ عدليه ج?? حڪمن جي باوجود پي ڊي ايم ملتان جلسو، مخالف ڌر توهين عدالت ڪئي آهي، پي ڊي ايم جلسي منتظمين ۽ شامل ٿيندڙ اڳواڻن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي پئي وڃي، اڳتي به ج??ڪو عدالتي حڪمن ۽ اين سي او سي س??ارشن تي لڳل پابندين جي خلاف ورزي ڪندو ان جي خلاف اهڙي ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪورونا وائرس جي ٻي حياتي کسيندڙ لهر جي ڪري سڄي ملڪ ۾ جلسن جلوسن تي پابندي لڳل آهي، پي ڊي ايم هاڻي لاهور جلسي جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، انهن کي لاهور جلسي کان نه روڪينداسين پر انهن جي خلاف ق??نوني ڪارروائي ضڙور ٿيندي، نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز سميت مسلم ليگ (ن) جي قيادت جي سڄي س??است ڪوڙ تي ٻڌل آهي، انهن ماڻهن زندگي ۾ ڪڏهن سچ ناهي ڳالهايو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ صحافين ??ي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته اسلام آباد هاءِ ڪو??ٽ ۽ اين سي او سي جي س??ارشن جي روشني ۾ سڄي ملڪ ۾ جلسن جلوسن تي پابندي لڳل آهي.